باعد پير

باعد پير (قبرستان): پني عاقل تعلقي جا ڪيئي قبرستان مشهور آهن، جن مان پير باعد جو قبرستان به آهي، جيڪو اٽڪل 85 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ مڪليءَ کان پوءِ قدامت ۽ ايراضيءَ جي لحاظ کان وڏو قبرستان آهي. اتي ڪيترن بزرگن، جهڙوڪ: شيخ الله، پير احمد بناري، بگو شير ۽ پير باعد جا پراڻا روضا آهن. ان کان سواءِ هتي ميان عابد جهڙي عارف جي مزار، انڍڙ قبيلي جي مشهور سلطانن جون مزارون، ڪامڻ پير کانسواءِ ستين جو آستان به آهي. هتان جي ڪجهه مزارن جون سرون ملتان جي پراڻي شهر ۾ ڪم آيل سرن جهڙيون آهن. روايت آهي ته پير باعد بزرگ حضرت قلندر شهباز ۽ جلال سرخ بخاريءَ جو همعصر هو، هتي هڪ قديم اوڏڪي مسجد به ٺهيل آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته حضرت شاهه عبداللطيف، لوءِ صاحبان جي سفر دوران هتي ترسيو هو. هن قبرستان جي ويجهو لال پير ۽ مخدوم صديق سيهڙ جا قبرستان به آهن. باعد پير جي ڀرسان قديم راوڙي سڙڪ ۽ هاڪڙي درياهه جي ڀيٽ جا نشان اڄ به چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هاڪڙي جي پيٽ ۾ ڍنڍ جي صورت ۾ پاڻي اڄ به موجود آهي ۽ پتڻ يا بندر جا نشان ۽ ڏاڪا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.


لفظ باعد پيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو